شهباز رسالو

شهباز رسالو

شهباز رسالو

شهباز رسالو

شهباز رسالو

شهباز رسالو: هيءُ ماهوار رسالو ‘شهباز’ حيدرآباد مان جاري ٿيو. جنهن جو ايڊيٽر نور محمد عباسي هو. هن رسالي ادبي، سماجي، سائنسي مضمونن کان سواءِ شاعري پڻ شايع ڪئي ويندي هئي. هن رسالي ۾ ناليوارن شخصيتن جو مواد شايع ٿيندو رهيو. هن رسالي طرفان ناليواري اديب محمد عثمان ڏيپلائيءَ کي مڃتا ڏيندي ٻه خاص نمبر ڪڍيا ويا، جن مان هڪ خاص نمبر ڏيپلائي صاحب جي صحافت ۾ ڪيل خدمتن ۽ ڊرامانويسيءَ تي هو. هي خاص نمبر 1997ع ۾ شايع ٿيو. جنهن ۾ ناليوارن شخصيتن، پير علي محمد راشدي، شيخ، اياز سميت ٻين عالمن جا ڏيپلائي صاحب جي صحافت ۽ ڊرامانويسيءَ تي ڪيل خدمتن تي ليک لکيل آهن. 260 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن خاص نمبر جي قيمت 200 روپيا آهي. محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي خدمتن تي هن رسالي طرفان 1981ع ۾ ٻيو خاص نمبر ڪڍيو ويو، جنهن ۾ شيخ عزيز، شمشير الحيدري، سومار علي سومرو، قاضي خادم، فضل محمد بچاڻي، عبدالغني درس، مخمور يوسفاڻي، رشيد ڀٽي، خان محمد پنهور، ثريا سوز ڏيپلائي، ظفر حسين سميت ٻين جا محمد عثمان ڏيپلائي متعلق لکيل مضمون شامل آهن. 213 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن رسالي جي قيمت 10 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو